دائودپوٽو ولي

دائودپوٽـو، ولي: نـامـور شـاعـر ولي محمد ولد واحد بخش دائودپوٽو، 7 اپريل 1924ع تي شڪارپور ۾ پيدا ٿيو. هن ابتدائي تعليم شڪارپور مان حاصل ڪئي ۽ مئٽرڪ جو امتحان سکر مان پاس ڪيو. هن جو غريب گھراڻي سان تعلق هو. پهرين هن بُوٽن جي دڪان تي ڪم ڪيو. پوءِ سکر ۾ سونارڪو ڌنڌو اختيار ڪيائين. پاڻ سُٺو سونارو هو. هن جو شاعريءَ طرف ننڍپڻ کان ئي لاڙو هو. شروع ۾ ڪجهه طنزيه شاعري به ڪيائين. بعد ۾ علم عروض ۽ ڇند وديا جي قاعدي موجب شاعري ڪيائين.
ولي دائودپوٽو جديد شاعرن جي صف ۾ شامل ٿئي ٿو. سندس شاعريءَ جي ٻولي ۽ اسلوب سلوڻو ۽ سادو آهي. ولي دائود پوٽو مشاعرن ۾ شريڪ ٿي شعر پڙهندو هو. ولي دائود پوٽي جو ڪلام قلمي صورت ۾ شفيق پيرزادي وٽ موجود آهي. هن جديد شاعرن ۾ شيخ اياز، هري دلگير ۽ تنوير عباسيءَ کان پوءِ ’هائيڪو‘ لکيا. سندس ڪيتري شاعري ٽماهي ’مهراڻ‘ ۽ ٻين رسالن ۾ ڇپيل آهي. ضرورت آهي ته هن بهترين شاعر جو شعري مجموعو جلد ڇپجڻ گهرجي.
ولي محمد دائودپوٽي 20 جولاءِ 1979ع تي وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1924.04.07  عيسوي

نـامـور شـاعـر ولي محمد ولد واحد بخش دائودپوٽو، 7 اپريل 1924ع تي شڪارپور ۾ پيدا ٿيو.


1979.07.20  عيسوي

ولي محمد دائودپوٽي 20 جولاءِ 1979ع تي وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

شهباز بلوچ
چانڊيو محمد يوسف خان
ايڊورڊ سعيد
دين محمد بوبڪائي مخدوم
ڌرمو رام
بهاول خان انڙ
تاجو ليکي
شامي سيد احمد خالد
رمضان مگسي
بهادر خان علياڻي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون